سيف الملوڪ ڍنڍ جو هڪ منظر

سيف الملوڪ ڍنڍ جو هڪ منظر

سيف الملوڪ ڍنڍ

سيف الملوڪ ڍنڍ: سيف الملوڪ ڍنڍ، ملڪ جي اترين علائقن ۾ ڪاغان ماٿريءَ ۾ ناران ڳوٺ ويجهو، خيبر لڪ جي سرنگهه (Tunnel) وٽ واقع آهي. هي ڍنڍ دنيا جي خوبصورت ترين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي. هيءَ ڍنڍ گليشيئرن مان نڪرندڙ پاڻيءَ مان ڀرجي ٿي. هيءَ ڍنڍ 3224 ميٽر/ 10570 فوٽ سامونڊي سطح کان اوچائي ۽ 340 52.37' 34" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 730 41.37' 71" اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهي. اها هزاره ڊويزن جي مانسهره ضلعي ۾ پوي ٿي. هن ڍنڍ تي فطرتي ماحول کي ڏسڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح ايندا رهندا آهن. جبلن جي وچ ۾ موجود هن ڍنڍ جو ماحول ۽ صاف شفاف پاڻي سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي. ڍنڍ جو پاڻي ايترو ته شفاف آهي، جو ڍنڍ جي تري ۾ موجود شيون به نظر اچيو وڃن. ڍنڍ جي فطرتي ماحول ۾ سياح خوب لطف ماڻيندا آهن. ڍنڍ جي شفاف پاڻيءَ ۾ ملڪا پربت نالي جبل جو عڪس به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. سخت سردين ۾ هن ڍنڍ جي مٿاڇري تي برف ڄمي ويندي آهي. اتان جا مقامي ماڻهو هن ڍنڍ کي ’پرين جو آستان‘ به ڪري سڏيندا آهن.


لفظ سيف الملوڪ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو